پاڪستان جي نوجوان اداڪارا صحيفا جبار مڙس کان ڌار ٿيڻ وارين خبرن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق صحيفا جبار پنهنجي اڪائونٽ تان شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ مڙس ۽ منهنجي وچ ۾ تعلقات بهترين آهن، پر هن وقت هو پڙهائي جي ڪري ڪينيڊا ۾ آهي، مان اتي وڃڻ جي ڪوشش ڪيان پئي، رڳو ويزا ملڻ جو انتظار آهي. هن چيو تھ اسان ٻنهي جي وچ ۾ سڀ ٺيڪ آهي، تنهنڪري ڪوبھ ان معاملي ۾ پريشان نھ ٿئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close