
بالي ووڊ فلمن جي مشهور هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ڪرن جوهر دبئي ۾ سينيما پهچي پاڪستان جي فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ ڏٺي آهي. ميڊيا مطابق سينيما ۾ فلم ڏسڻ دوران ڪرن جوهر جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. هوڏانهن اڃا تائين ڪرن جوهر فلم بابت ڪوبھ تبصرو شيئر ناهي ڪيو.