شوبز

ماڻهو بي خوف عورت بابت رايا ٺاهي وٺندا آهن: هما قريشي

بالي ووڊ جي اداڪارا هما قريشي چيو آهي تھ ماڻهو بي خوف عورت بابت رايا ٺاهي وٺندا آهن. ممبئي ۾ فلمي ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي هن پنهنجي ايندڙ ويب سيريز مونيڪا مائي ڊارلنگ جي ڪهاڻي ۽ ان جي ميڪنگ بابت پڻ ڳالهيون ٻڌايون، پر هن بي خوف ۽ پرڪشش عورتن بابت سماج جي روين تي پڻ کليل نموني ڳالهايو آهي. هن ٻڌايو تھ پرڪشش ۽ همٿ واري عورت کي ڏسي ماڻهن جي ذهنن ۾ مخصوص خاڪو جوڙين ٿا، پر منهنجي هن فلم ۾ بي باڪ عورت بابت فضول تصورن کي ٽوڙيندي ڏيکاريو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button