بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ڊيشا پٽاني انڪشاف ڪيو آهي تھ فلم جي شوٽنگ دوران مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب مان سموريون ڳالهيون وساري ويٺي هئس. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊيشا پٽاني ٻڌايو تھ 2019ع ۾ سلمان خان جي فلم ڀارت جي شوٽنگ دوران پٽ تي اچي مٿي ڀر ڪري هئس، جنهن سان هر شئي وسري وئي. هن چيو تھ ڪردار جي مناسبت سان جمناسٽڪ منظر ڪرايو پئي تھ ڌڪ لڳو ۽ يادگيري هلي وئي. ڊيشا پٽاني ٻڌايو تھ يادگيري واپس اچڻ ۾ 6 مهينن جو وقت لڳي ويو، مون ڊاڪٽرن کان علاج بھ ڪرايو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close