پاڪستاني اداڪارا مشال خان انڪشاف ڪيو آهي تھ والدين ۾ اختلافن ۽ انهن وچ ۾ طلاق ٿيڻ وارن واقعن منهنجي زندگي کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. ميڊيا مطابق مشال خان والدين جي طلاق سان ذهني طور بيمارين ۾ وڪوڙجي وئي جو پڻ اعتراف ڪيو آهي. هن ٻڌايو تھ والدين جي علحدگي سبب کائڻ پيئڻ جي بيماري ٿي پئي، منهنجي مزاج ۾ چڙ رهي، ڪا ڳالهه ۽ شئي نھ وڻندي هئي. هن چيو تھ مون اهي ڏينهن ڏکيا گذاريا، پر شڪر ڪندي آهيان جو جلد ڪم ۾ مصروف ٿيڻ سبب پاڻ کي سنڀالي ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close