
ڪراچي جو مشهور راڳي ۽ اسٽيج اداڪار ظفر رامي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق ظفر رامي جي وفات جي تصديق سندس گهرڀاتين ڪئي آهي. ميڊيا مطابق ظفر رامي جو مڙهه گهر آندو ويو آهي، جنهن کي سندس گهرباتين موجب مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي، سندس جنازي نماز راشد منهاس روڊ تي پڙهي وئي.