شوبز

حڪومت فلم ميڪنگ جي شعبي ۾ سهڪار ڪندي: مريم اورنگزيب

پاڪستان جي اطلاعات ۽ براڊ ڪاسٽنگ کاتي جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب اعتراف ڪيو آهي تھ فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ ميڪنگ جي شعبي جو شاهڪار آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ حڪومت فلم ميڪنگ جي شعبي ۾ سهڪار ڪندي تھ جيئن فلم انڊسٽري کي ترقي ڏياري سگهي. هن ٻڌايو تھ فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ شاندار آهي، ان جي ميڪنگ جو ڪوبھ مثال نھ ملي سگهندو، هي ڪهاڻي توڙي منظر نگاري ۽ فلم ميڪنگ جي تمام وڏي صلاحيت جو ثبوت آهي. هوڏانهن باڪس موجب دي ليجنڊ آف مولاجٽ سڄي دنيا مان مجموعي طور تي 177 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button