
پاڪستاني اداڪارا ميرا هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار سان ڀريل دعوا ڪندي چيو آهي تھ هالي ووڊ فلمن جو هيرو مشيل مورون مون سان دوستي ڪرڻ چاهي ٿو. ميڊيا مطابق ميرا يوٽيوب چينل جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو تھ هالي ووڊ جا ڪيترائي اداڪار مون کي دوست بڻائڻ جا خواهشمند آهن، جن مان هيرو مشيل مورون دوستي ڪرڻ جو پيغام سوشل ميڊيا ذريعي موڪليو آهي. هن چيو تھ مشيل جي اهڙي آڇ پريشان ڪيو، ڇوتھ ڪڏهن بھ ڪنهن سان دوستي ناهي ڪئي.