اسرائيل جي جارحيت خلاف ٺاهيل فلم فرحا ايشيا پيسفڪ ايوارڊ کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق اردن ۽ فلسطين جي گڏيل فلم ميڪنگ واري فلم فرحا ايشيا پيسفڪ اسڪرين ايوارڊز جو بيسٽ يوٿ ايوارڊ حاصل ڪيو، فلم جو هدايتڪار دارين سلام آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ فلم جي ڪهاڻي ۾ 1947ع کان 1949ع تائين فلسطينين سان ٿيل زيادتين کي وائکو ڪيو ويو آهي. هي اهو دور آهي، جنهن ۾ فلسطين جا 500 ڳوٺ آباديون تباهه ۽ 7 لک ماڻهو جي دربدري کي نمايان ڪري پيش ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close