پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا اشنا شاهه فلم ڪنڊي نا کڙڪا جو پوسٽر شيئر ڪندي سينسر بورڊ پاران ان جي نمائش جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق اشنا شاهه فلم جوائي لينڊ تي حڪومت ۽ سينسر بورڊ پاران اعتراض واري پابندي لڳائڻ ۽ بولڊ منظرن توڙي نامناسب عنوان واري فلم کي نمائش جي اجازت ڏيڻ تي موقف جاري ڪيو آهي. اشنا شاهه جو چوڻ آهي تھ جوائي لينڊ تي پابندي لڳائڻ ۽ ڪنڊي نا کڙڪا کي اجازت ملڻ سواليا نشان آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close