
پاڪستاني اداڪار سيد جبران شاهه چيو آهي تھ هيرو يا ممثبت ڪردارن تي ناڪاري ڪردار هميشا ڇائنجي ويندا آهن، ڇوتھ ماڻهن کي بھ هميشا فتنو ياد رهندو آهي، تنهنڪري مان نيگيٽو ڪردار وڌيڪ ڪندو آهيان. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ منهنجا نيگيٽو ڪردار ماڻهن وڌيڪ ياد رکيا آهن. هن ٽهڪ ڏيندي ٻڌايو تھ منهنجي حوالي سان ماڻهو اهو بھ چوندا آهن تھ هر خراب ڪم مان ئي ڪري وٺندو آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو تھ اوهان وٽ جيڪڏهن زال آهي تھ دوست نھ هجڻ گهرجي، ان سان سڪون قائم رهندو آهي. هن چيو تھ ايوارڊ شو وارا پيسا ناهن ڏيندا، پر هاڻ تھ اهي مون کي سڏائيندا بھ ناهن. هن حبا بخاري جي چانهه، مومل شيخ جي سموسن کي وڌيڪ ساراهيو آهي.