شوبز

جوائي لينڊ بعد کدڙي فقير علينا کي گهرڀاتين پنهنجو ڪيو

پاڪستان ۾ حڪومتي پابندي جو شڪار آسڪر ايوارڊ ۾ نامزدگي ماڻيندڙ فلم جوائي لينڊ ۾ اهم ڪردار ڪرڻ بعد کدڙي فقير علينا خان انڪشاف ڪيو آهي تھ کيس گهرڀاتين پنهنجو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق فلم جوائي لينڊ ۾ ڪم ڪرڻ بعد کدڙي فقير علينا خان جي زندگي هڪدم تبديل ٿي وئي آهي. هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ گهرڀاتي مون کي ٽين جنس وارن ٻين ماڻهن جيان نفرت جي نظر سان ڏسندا هئا، پر جوائي لينڊ ۾ ڪم ڪرڻ بعد انهن جو رويو بدليو آهي ۽ مون کي قبول ڪيو ويو. هن چيو تھ مون سٺي زندگي گذارڻ خاطر ڪڏهن بھ پنهنجي جسم کي ٻين وٽ وڪرو نھ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button