شوبز

جوائي لينڊ هلائيندڙ سينيما کي باهه ڏئي ڇڏينداسين: جماعت اسلامي سينيٽر

پاڪستان جي آسڪر ڊوڙ ۾ شامل عالمي طور ڪاميابيون ماڻيندڙ فلم جوائي لينڊ کي رليز ڪندڙ سينيما کي باهه لڳائي ساڙڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف فلم خلاف ملندڙ شڪايتن جو جائزو وٺڻ جي ڏس ۾ قانون وارو وفاقي وزير ڪاميٽي جو چيئرمين هوندو، ميمبرن ۾ اطلاعات، ڪميونڪيشن، بورڊ آف انيوسٽمينٽ، آئي ٽي جا وزير، گلگت بلتستان بابت صلاحڪار، پي ٽي اي ۽ پيمرا جا چيئرمين ميمبر طور کنيا ويا آهن. جماعت اسلام جي سينيٽر مشتاق احمد ڌمڪي ڏيندي چيو آهي تھ جوائي لينڊ هلائيندڙ سينيما کي باهه ڏئي ڇڏينداسين، مون فلم ناهي ڏٺي، ٻڌو آهي تھ اها ان ڪلچر کي هٿي ڏئي ٿي جيڪو اسان جي معاشرتي قدرن جي ابتڙ آهي. هي اسان جي خلاف ثقافتي دهشتگردي آهي، ڪينز ۾ جنهن ڪيٽيگري ۾ ايوارڊ مليو، اهو وڏو ثبوت آهي. هوڏانهن فلم سينسر بورڊ جي هڪ ميمبر رابطو ڪري ٻڌايو تھ ٽرانسجينڊر حساس حالتن ۾ رهن ٿا، باهه جي ڌمڪين بعد حفاظتي طور کڻي پابندي لڳائي. ٻئي پاسي فلم جي هدايتڪار صائم صادق چوي ٿو تھ سينسر بورڊ جي اجازت بعد وزارت نوٽيس نٿي ڏئي سگهي، 18هين ترميم کي بھ لتاڙيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button