
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا عروا حسين جي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ تصوير وائرل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق عروا حسين اسلام آباد ۾ سياسي شخصيت ارسل خان کچي جي شادي جي سالگرهه جي تقريب ۾ شريڪ ٿي آهي، جتي هن جي ملاقات يوسف رضا گيلاني سان ٿي، جنهن دوران عروا حسين نھ رڳو يوسف رضا گيلاني سان گڏ بيٺي آهي، پر ان ساڻس گڏ اڪيلي تصوير پڻ ڪڍرائي، جنهن سبب اها تقريب ۾ ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي. جڏهن تھ تقريب م اداڪارا ريشم پڻ خصوصي طور شريڪ ٿي آهي.