
پاڪستاني اداڪار همايون سعيد جي ويب سيريز دي ڪرائون ۾ ڪيل رومانوي منظرن تي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ زبردست بحث ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق برطانوي شاهي گهراڻي جي ننهن شهزادي ليڊيا ڊيانا جي زندگي تي ٺهيل ويب سيريز ۾ همايون سعيد ليڊيا ڊيانا جي دوست ڊاڪٽر حسنات جو ڪردار ڪيو آهي. جڏهن تھ ويب سيريز جي 5 سيزن جي ستين قسط جي رومانوي منظرن ۾ همايون سعيد جي ڪم تي نھ رڳو بحث ڪيو ويو آهي، پر سندس ڪم جي تعريف بھ ٿي رهي آهي.