پاڪستان جي نوبل انعام يافتا سماجي ڪارڪن ملالا يوسفزئي ۽ آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ فلم ميڪر شرمني عبيد چنائي فلم جوائي لينڊ جي حمايت ۾ اڳيان اچي ويون. ميڊيا مطابق ملالا يوسفزئي ۽ شرمين عبيد چنائي فلم جوائي لينڊ تي لڳايل پابندي ۽ شرطن تي سخت ردعمل ڏئي ٻنهي موقف جاري ڪيو آهي. شرمين عبيد چنائي جو چوڻ آهي تھ آرٽ جي جنگ اسين وڙهي رهيا آهيون، تنهنڪري هر ان فلم ميڪر کي بهادري ميڊل ملڻ گهرجي، جيڪو فلم ٺاهي ٿو. ملالا يوسفزئي جو چوڻ هو تھ سمجهه ۾ نٿو اچي تھ آرٽ تي پابندي لڳائي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون، ڇوتھ اسين آرٽ کي روڪڻ وارو ڪم ڪيون پيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close