پاڪستاني فلم جوائي لينڊ نيٺ رليز ٿي وئي آهي، جنهن جا ڪراچي ۾ شوز هائوس فل آهن، پر پنجاب ۾ پابندي آهي. هوڏانهن فلم جي نمائش خلاف لاهور هائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي. تڪراري بڻايل فلم جا ڪجهه حص حذف ڪرڻ بعد رليز جي اجازت سينسر بورڊ ڏني هئي، جنهن خلاف محمد بلال شفيق نالي ماڻهو عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن فلم سينسر بورڊ، پي ايم ڊي اي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي تھ فلم خانداني نظام کي ٽوڙي سگهي ٿي، مذهبي ۽ اخلاقي قدرن خلاف ٺاهي وئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ شرعي قانون جي خلاف هجڻ سبب لائسنس جاري نٿو ڪري سگهجي. ياد رهي تھ فلم تي وفاقي حڪومت بھ پابندي لڳائي هئي، جيڪا ايڊٽنگ بعد رليز جي اجازت ماڻي چڪي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close