پاڪستاني اداڪارا سجل علي ۽ بالي ووڊ جي ليجنڊ سري ديوي جي نياڻي جهانوي ڪپور جي هڪٻئي سان ڀاڪر پائي ملڻ واري وڊيو سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي وائرل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق سجل علي ۽ جهانوي ڪپور وچ ۾ اها ملاقات فلم فيئر مڊل ايسٽ ايوارڊز تقريب دوران ٿي هئي، جتي ٻنهي ڄڻين جي ملڻ جو انداز ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو. ياد رهي تھ سجل علي فلم موم ۾ ڪم ڪيو هو، جنهن دوران ان جا تعلقات سري ديوي ۽ گهرڀاتين سان قائم ٿيا هئا. جڏهن تھ ايونٽ ۾ فهد مصطفيٰ ۽ سجل علي رنوير سنگهه ۽ ٻين اداڪارن سان ملڻ ملاقات ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close