پاڪستان جي اداڪار جوڙي عروا حسين ۽ سندس مڙس فرحان سعيد وچ ۾ علحدگي ۽ طلاق جي افواهن دوران ٻنهي پنهنجي ايندڙ فلم ٽچ بٽن جي مشهوري جي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن اڳ ميڊيا کي بريفنگ ڏني آهي، جنهن دوران صحافي پاران عروا سان هٿ ملائي ڏيکارڻ جي سوال تي فرحان سعيد ان کي ڪا موٽ نھ ڏني آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ بريفنگ دوران هڪ صحافي فرحان سعيد کان سوال ڪيو تھ ڇا بٽڻ کلي ويو آهي يا رڳو ٽچ آهي، جنهن تي فرحان وراڻيو تھ سڄي ٽيم ٽچ آهي. صحافي کيس چيو تھ جي ائين آهي تھ عروا سان هٿ ملائي ڏيکاريو، جنهن تي فرحان کيس ٺاڪر صاحب ائين نھ ڪيو چئي ٽاري ڇڏيو ۽ وڏو ٽهڪ ڏنو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close