
پاڪستان جي اڳوڻي اداڪارا دعا ملڪ بهترين سماج سڌارڪ جو ايوارڊ حاصل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ سماجي تنظيم جي هڪ تقريب دوران سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري اڳوڻي اداڪارا دعا ملڪ کي بيسٽ سوشل ايڪٽوسٽ جي ڪيٽيگري ۾ ايوارڊ ڏنو. هوڏانهن دعا ملڪ کيس مليل ايوارڊ والدين سان گڏ تصوير شيئر ڪندي مداحن کي پڻ آگاهي ڏني ۽ ٻڌايو تھ سندس سماجي ڪمن جي مڃتا ٿي آهي.