
سپريم ڪور پاڪستاني ڳائڻي ميشا شفيع کي وڊيو لنڪ ذريعي جرح ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سپريم ڪورٽ علي ظفر خلاف جنسي هراسان ڪيس ۾ ميشا شفيع جي وڊيو لنڪ ذريعي جرح بابت داخل درخواست تي حڪم ڏنو آهي. عدالت ٻڌڻي بعد جاري ڪيل حڪم ۾ چيو آهي تھ ميشا 2016ع کان ڪينيڊا ۾ رهي ٿي، اها ٻن ٻارن جي امڙ بھ آهي، کيس بيان ڏيڻ پاڪستان يا ايمبيسي وڃڻ بھ ضروري ناهي. عدالت چيو تھ عدالت ۾ ورچوئل موجودگي ڪافي آهي، تنهنڪري جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ميشا کان 8 مهينن کان جرح دوران دير جا طريقا استعمال ڪي پيا وڃن.