
بالي ووڊ جي تازو ما بڻيل اداڪارا عاليا ڀٽ جي نئين تصوير مداحن کي سندس سونهن جي سحر ۾ وڪوڙي ورتو آهي. ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڌي کي جنم ڏنو آهي، جنهن بعد لاڳيتو سوشل ميڊيا کان پري رهي. جڏهن تھ هاڻ هن پنهنجي تازي تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن کي ڏسي مداحن سندس سونهن جي ساراهه ڪئي آهي. مداحن جو چوڻ آهي تھ عاليا معمول واري ڪم ڪار ڏانهن موٽي رهي آهي.