
يوڪرين جي مشهور ڳائڻي ڪماليا ڪراچي ۾ سرن جي ورکا ڪري شهرين کي جهومڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي. ميڊيا مطابق آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪيل سرن جي هڪ محفل دوران ڪماليا گيت ڳائي پنهنجي ملڪ ۾ جاري جنگ جا دردناڪ منظر سمجهايا آهن. هن اردو ۾ ڪيترائي گيت ڳائي ٻڌندڙن کي مٺن سرن جي چاشني جو ذائقو ڏنو. جڏهن تھ ڪماليا ڊسڪو جي ليجنڊ نازيا حسن کي پڻ ڀيٽا پيش ڪئي آهي.