شوبز

فلم جوائي لينڊ خلاف درخواست ٿي پيمرا ۽ ٻين کي نوٽس جاري

پاڪستاني فلم جوائي لينڊ لاڳيتو قانوني ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن تي پابندي لڳائڻ جي ڏس ۾ لاهور هائي ڪورٽ بعد پشاور هائي ڪورٽ ۾ پڻ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن تي ٻڌڻي ڪندي عدالت پيمرا، پي ٽي اي ۽ ايف آئي اي کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا مطابق ايڊووڪيٽ سارا علي خان هائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري فلم تي پابندي جي استدعا ڪئي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي تھ فلم ۾ جيڪو ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي، اهو اسلامي قدرن ۽ اسان جي روايتن جي خلاف آهي، مخصوص طبقو اسلامي ۽ معاشرتي قدرن کي نقصان پيو پهچائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button