
پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهرا خان کي عالمي طور تي هڪ ٻي مڃتا ملي آهي، جنهن ۾ هن بهترين اداڪارا جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق نئين دهلي ۾ منعقد ڪيل ايوارڊ تقريب ۾ ماهرا خان کي شارٽ فلم پرنس چارمنگ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ تي بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.