پاڪستان جي آسڪر ايوارڊ يافتا شرمين عبيد چنائي اڳوڻي زال تي تشدد جي الزام هيٺ آيل اداڪار فيروز خان جي بهترين اداڪار جي ڪيٽيگري ۾ نامزدگي ملڻ بعد پنهنجو لڪس ايوارڊ موٽائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق گهريلو تشدد جي الزام بعد فيروز خان لڪس ايوارڊ ۾ نامزد ٿيڻ تي شرمين عبيد چنائي ايوارڊ واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري هڪ قسم جو احتجاج ڪيو آهي. شرمين عبيد چنائي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تھ لڪس ايوارڊ ۾ عورتن تي تشدد ۾ ملوث مرد نامزد ٿيڻ تھ مان ڪنهن بھ صورت ۾ چپ نھ رهنديس. هن چيو تھ مان 2012ع ۾ پاڻ کي مليل لڪس اسٽائيل ايوارڊ واپس ڪري رهي آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close