شوبز

اسماعيل تارا مرڪون وکيريندي پاڻ هزارين مڻ مٽي هيٺ سمهي پيو

پاڪستان جي ليجنڊ ڪاميڊين ۽ اداڪار اسماعيل تارا مرڪون وکيريندي پاڻ هزارين مڻ مٽي هيٺ سمهي پيو آهي، سندس آخري رسمن دوران شريڪ ماڻهو سندس فن کي ياد ڪندي سوڳوار ٿي ويا. ميڊيا مطابق اسماعيل تارا هڪ ڏينهن اڳ 73 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو، جنهن جي مڙهه کي ڪراچي جي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي. جڏهن تھ تدفين جي رسمن کان اڳ ميت کي گلشن جمال واري رهائشگاهه مان شهيد ملت روڊ آڻي جنازي نماز ادا پڙهي وئي، جنهن ۾ مداحن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آهي. هوڏانهن وزيراعظم، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزير شازيا عطا مري ۽ ٻين اسماعيل تارا جي گهرڀاتين سان ڏک ونڊيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button