شوبز

ماهرا خان عارضي طور سوشل ميڊيا کان پري ٿي وئي

پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان عارضي طور تي سوشل ميڊيا کان پاڻ کي پري ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ماهرا خان سوشل ميڊيا کان پري ٿيڻ جو سبب بيان ڪندي ٻڌايو تھ مان هن وقت هڪ عالمي سطح جي ويب سيريز جي شوٽنگ ۾ مصروف آهيان، تنهنڪري سوشل ميڊيا کان پري رهنديس. هن جو چوڻ هو تھ سندس شوٽنگ قطر ۽ ترڪي جي مختلف علائقن ۾ ٿيڻي آهي، تنهنڪري سوشل ميڊيا تي سرگرم رهڻ ممڪن نھ هوندو. هوڏانهن مداحن جي سوالن جي جواب ۾ ماهرا خان ٻڌايو تھ ٽي وي ڊرامن ۾ جلد نھ پئي اچان، مان رڳو خاص ڪهاڻي ۾ ڏسي سگهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button