
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا مايا علي ڀلي پار سعودي عرب پهچي عمري جي سعادت ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق سعودي عرب ۾ پهچڻ بعد مايا علي مسجد نبوي مان پنهنجون تازيون تصويرون شيئر ڪيون آهن، جن ۾ کيس ڪعبة الله شريف جي ڀرسان ڏسي سگهجي ٿو. مايا علي تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ، بيشڪ هو جنهن کي چاهي سڏائي، مون پاڻ ظاهر ڪرڻ جي هر ڀيري ڪوشش ڪئي، پر مون وٽ اهڙا لفظ نھ هجڻ برابر هئا، جن ۾ پنهنجا احساس بيان ڪيان.