پاڪستان جي مشهور اداڪارا اقرا عزيز ڊرامي جي شوٽنگ دوران هڪ حيران ڪرڻ وارو واقعو بيان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق اقرا عزيز هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو تھ هڪ ڀيري ڊرامي جي شوٽنگ شروع ڪرڻ وقت سينيئر اداڪار بسم الله چوڻ کان روڪيو، جنهن تي مون سبب پڇيو تھ ان سينيئر ٻڌايو، اسان جو ڪم ڪوڙ تي ٻڌل آهي، تنهنڪري بسم الله نھ پڙهجي. هن چيو تھ مون سينيئر ساٿي اداڪار کي مون چيو تھ، هي تھ منهنجي روزي روٽي آهي، بسم الله چئي شروعات ڪنديس. بهرحال اقرا ان اداڪار جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close