شوبز

هيري ۽ ميگهن بابت ويب سيريز ۾ نسل پرستي جي نشاندهي

برطانوي شاهي گهراڻي جي جوڙي شهزادي هيري ۽ سندس زال ميگهن مرڪل جي زندگي تي ٺاهيل ويب سيريز ۾ شاهي گهراڻي تي نسل پرستي جا الزام سامهون آيا آهن. ميڊيا مطابق شهزادي هيري ۽ ميگهن مرڪل بابت نيٽ فليڪس جي سيريز جو ٻيو ٽريلر پڻ جاري ڪيو ويو آهي، پر هڪ سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ان سيريز سان هيري ۽ ميگهن جي مقبوليت ۽ ماڻهن جو ساڻن پيار ضرور گهٽجي ويو آهي، ايستائين جو اهي شهزادي اينڊريو کان بھ پويان آهن. سيريز جي ڪهاڻي ۾ ميگهن سان شاهي گهراڻي جي رويي کي ڊيانا سان مشابهت ڏني وئي آهي. هن سيريز ۾ نسلي فرق ۽ شاهي خاندان جي بند دروازن پويان ٿيندڙ سرگرميون بھ شامل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button