شوبز

فلم جوائي لينڊ جي رليز ٿيڻ کي روڪڻ واري درخواست رد

پاڪستان جي تڪرارن جي ور چڙهندڙ فلم جوائي لينڊ جي نمائش روڪڻ واري درخواست کي سنڌ هائي ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سنڌ هائي ڪورٽ فلم جوائي لينڊ جي رليز خلاف درخواست تي هڪ ڏينهن اڳ ٻڌڻي ڪري ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد رليز خلاف درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. عدالت فيصلي ۾ ٻڌايو تھ غير ضروري سينسرشپ سان ساهه ٻوساٽجي ٿو ۽ سماج مان تخليقي صلاحيتون رڪاوٽن جو شڪار ٿي وينديون آهن، هڪ فرد سبب ڪنهن جي اظهار رائي جي آزادي جو حق نٿو کسي سگهجي، هائي ڪورٽ کي اختيار ناهي تھ فلم ميڪر جي اظهار رائي تي پابندي لڳائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button