شوبز

ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ جي ڪاڄ وارن مهمانن جي فهرست تيار

بالي ووڊ جي اداڪارا ڪيارا آڏواڻي ۽ سندس دوست اداڪار سڌارٿ ملهوترا جي شادي واري ڪاڄ ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جي فهرست تيار ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ذريعن دعوا ڪئي آهي تھ جوڙي جي شادي طئي ٿي وئي آهي، جيڪا هاڻ گووا بدران چنديڳڙهه ۾ رٿي وئي آهي، پر اڃا تائين شادي جي تاريخ جوڙي ظاهر ناهي ڪئي. هوڏانهن ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا جي شادي جي ڪاڄ ۾ جن مهمانن کي سڏايو ويو آهي، انهن ۾ ڪترينا ڪيف، وڪي ڪوشل، ڪرن جوهر، ورن ڌون، جيڪي ڀاڳناڻي، رڪل پريت سنگهه ۽ ٻيا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button