پاڪستان جو سينيئر اداڪار فردوس جمال ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن جي پٽ حمزا فردوس مداحن کي سندس صحتيابي جي دعائن جي اپيل ڪئي آهي. ميڊيا مطابق فردوس جمال جي پٽ حمزا فردوس والد کي ڪينسر جي بيماري جي تصديق ڪندي چيو آهي تھ والد شوڪت خانم اسپتال ۾ هڪ ٻي جنگ وڙهي رهيو آهي، پر گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ڇوتھ حالتون سندس حق ۾ آهن. هن ٻڌايو تھ والد شوبز انڊسٽري ۾ بھ هڪ ڏکي ويڙهه وڙهي اداڪاري ۾ مٿي اڀريو، هي جنگ بھ اهو ئي کٽيندو. مداح، دوست ۽ ساٿي دعائون ڪن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close