
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صبا قمر جي فلم جو پريميئر ايندڙ سال يورپ ۾ ڪيو ويندو، جنهن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق فلم ڪملي جي پروڊيوسر ڪمپني سرمد کوسٽ فلمز جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تھ، روٽرڊم شهر ۾ اسٽيمڊ فلم فيسٽيول جي تقريب دوران فلم جي پريميئر جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي. بيان موجب کوسٽ فلمز کي اميد آهي تھ فلم کي مداح تمام گهڻو پسند ڪندا.