
بالي ووڊ فلمن جو ڀائي سلمان خان پنهنجي باڊي گارڊ شيرا جي پٽ ابير سنگهه کي پنهنجي فلم ۾ هيرو طور متعارف ڪرائيندو. ميڊيا مطابق سلمان خان ابير سنگهه سان گڏ تصوير شيئر ڪندي آگاهي ڏني آهي تھ سندس ايندڙ فلم ۾ شيرا جو پٽ هيرو هوندو. هوڏانهن فلم ۾ هيروئن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.