
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا صبا قمر جي فلم ڪملي کي جلد ٽي وي تي پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق صبا قمر جي فلم ڪملي جا حق هڪ خانگي ٽي وي حاصل ڪري ورتا آهن، جن فلم جي پريميئر جو پروگرام پڻ رٿي ورتو آهي. سرمد کوسٽ جي پراڊڪشن هائوس جي فلم جون ۾ سينيمائن ۾ رليز ٿي هئي.