
بالي ووڊ جي تڪرارن کي جنم ڏيڻ ۾ شهرت ماڻيندڙ اداڪارا ڪنگنا رناوت چيو آهي تھ مون کي وڏن پيسن جي آڇ ٿي پر انهن کي ٿڏي ڇڏيو ۽ شادين يا ذاتي پارٽين ۾ وڃي ڊانس ناهي ڪئي. ميڊيا مطابق ڪنگنا رناوت سوشل ميڊيا تي آشا ڀوسلي جي شيئر ڪيل وڊيو فارورڊ ڪئي آهي، جنهن ۾ لتا ٻڌائي رهي آهي تھ هن ڳري آڇ باوجود شادين ۽ پارٽين ۾ نھ ڳايو. ڪنگنا وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ آشا جي متفق آهيان، مون بھ لتا جي پيروي ڪندي شادين ۽ پارٽين ۾ ڊانس ناهي ڪئي.