
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا مهوش حيات بولڊ لباس ۾ تصوير شيئر ڪرڻ تان تنقيد جو نشانو بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق مهوش حيات گهر جي بالڪوني ۾ بيهي ورتل تصوير شيئر ڪئي تھ اها مداحن جي اڪثريت کي نھ وڻي ۽ انهن نامناسب لفظن سان کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. هوڏانهن مداحن مان ڪجهه ماڻهن مهوش حيات جي ان انداز کي ساراهيندي لاجواب پوز قرار ڏنو آهي.