شوبز

سونم ڪپور ممبئي ۾ موجود پنهنجو فليٽ وڪڻي ڇڏيو

بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا سونم ڪپور ممبئي ۾ موجود پنهنجو فليٽ 32 ڪروڙ 50 لک رپين ۾ وڪڻي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق سونم ڪپور ممبئي جو فليٽ وڪرو ڪري پنهنجي رهائش اڻسڌري ريت برطانيا ۾ اختيار ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ سونم ڪپور وڪرو ڪيل فليٽ 2015ع ۾ خريد ڪيو هو، پر شادي بعد گهڻو وقت لنڊن ۾ ترسڻ سبب اهو وڪرو ڪيو آهي. ياد رهي تھ سونم ۽ سندس مڙس آنند آهوجا جو هڪ بنگلو نئين دهلي ۾ پڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button