
پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات سياسي اسڪينڊل ۾ نالو اچڻ ۽ مبينا سازشن جو سبب ڄاڻائي پنهنجي حفاظت خاطر محافظن جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن. ميڊيا مطابق مهوش حيات شوٽنگ ۽ ٻين سرگرمين ۾ شرڪت محافظن جي ڄار ۾ ڪرڻ جو رٿيو آهي، جنهن بابت هن هڪ خانگي سيڪيورٽي سروس سان معاملا طئي ڪري ورتا آهن. جڏهن تھ مهوش حيات محافظن بنا سرگرمين کي محدود ڪري ورتو آهي.