شوبز

سنڌ هائي ڪورٽ پاران اداڪارائن خلاف نامناسب مواد بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هائي ڪورٽ ڪبرا خان سميت 4 اداڪارائن خلاف نامناسب مواد کي بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي مشهور اداڪارا رابعا اقبال عرف ڪبرا خان يوٽيوبر عادل راجا جي نامناسب الزامن جي موٽ ۾ سنڌ هائي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، جنهن تي عدالت مٿيون حڪم جاري ڪيو. جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس ذوالفقار احمد خان تي ٻڌل ڊيوزن بينچ ڪبرا خان جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت درخواست کي ٻڌڻي طور منظور ڪندي پي ٽي اي ۽ ايف آئي اي کان مواد بلاڪ ڪري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ايف آئي اي ڊائريڪٽر ۽ پي ٽي اي جي چيئرمين کي عدالت نوٽيس جاري ڪري 9 جنوري تي جواب ڪيو آهي. اداڪارا ڪبرا خان درخواست ۾ موقف ڏنو آهي تھ يوٽيوبر من گهڙت الزام لڳائي مون سميت 4 اداڪارائن جي عزت کي مجروح ڪيو آهي. ڪبرا خان جي وڪيل ٻڌايو تھ مواد بلاڪ ڪرڻ خاطر ايف آئي اي سان رابطو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button