
پاڪستان جي مشهور فيشن ڊزائنر ديپڪ پارواڻي ڪراچي شهر جو پراڻو منظر پنهنجي ڳالهين سان ورجائي ڇڏيو آهي ۽ مداحن آڏو شهر جو اوج سندن آڏو رکيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني فيشن ڊزائنر ديپڪ پارواڻي ڪراچي فيسس سيريز جي چيپٽر دي هندو ۾ پراڻو شهر واپس آندو آهي. هن ڊاڪيومينٽري ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو تھ پراڻي ڪراچي ڏاڍي سهڻي هئي، شهر جون خوشيون ۽ ماڻهو ياد آهن. هن چيو تھ شهر ۾ جنم اشٽمي سميت وڏا ميلا ٿيندا هئا، مارواڙي، گجراتي، پارسي ۽ ٻيا بھ رهندا هئا، جيڪا ئي ڪراچي جي خوبصورتي هئي. ديپڪ پارواڻي ٻڌايو تھ هن شهر ۾ سڄي دنيا مان وڏا وڏا جهاز شهر ۾ اچي لنگرانداز ٿيندي بھ اکين سان ڏٺا، ڀائيچارو هو، ڪڏهن ڪلفٽن تھ ڪڏهن ٻئي هنڌ تان دهي پڙا ۽ ٻيو کاڌو اچي ويندو هو.