
پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل غنا علي ٻئي پٽ کي جنم ڏنو آهي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي تھ ٻار ۽ غنا علي بلڪل تندرست ۽ خيريت سان آهن. ميڊيا مطابق غنا علي تازو ڄاول پٽ ۽ مڙس سان گڏ تصوير شيئر ڪندي مداحن کي ٻئي پٽ جي جنم ڏيڻ جي خبر ڏني، جنهن بعد مداحن ۽ ساٿي اداڪارن کيس مبارڪ ڏني آهي.