
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا حريم فاروق مداحن جي حوالي سان خاص پيغام جاري ڪندي چيو آهي تھ دنيا آڏو پنهنجي بهادري ۽ انفراديت کي ثابت ڪيو. سماجي رابطن واري پيج تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ هن جو چوڻ هو تھ اوهان کي خبر هجڻ گهرجي تھ دنيا اوهان کي هڪ محدود دائري ۾ رکڻ چاهندي آهي. هن چيو تھ دنيا جي اهڙي دائري کي اوهان پنهنجي تابع بڻايو ۽ بهترين هٿيار طور سامهون آڻيو، ڇوتھ اوهان جهڙو ٻيو ڪوبھ ناهي، پنهنجي جرئت شاهڪار خوبي کي ٻين کان مڃرائي وٺو، ڇوتھ خوشيون ماڻڻ جو اهو ئي بهترين انداز آهي.