شوبز

عامر لياقت سان ڳجهي شادي ڪئي، ڌمڪيون بھ مليون: طوبا انور

پاڪستاني اداڪارا طوبا انور اڳوڻي مرحوم مڙس عامر لياقت سان ڳجهي شادي ٿيڻ جو انڪشاف ڪندي دعوا ڪئي آهي تھ ڳالهه ظاهر ٿيڻ تي کيس ڌمڪيون بھ مليون هيون. يوٽيوبر کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ مون ڪنهن سان لاڳاپا رکيا ۽ ان سان پرڻو ڪيو تھ ڪنهن ٻئي کي ڪهڙو اعتراض آهي، منهنجي شادي جي ڳالهه ڪنهن ٻئي ليڪ ڪئي، جنهن سبب مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو تھ شادي ننڍي عمر ۾ ٿيڻ سبب گهڻين شين جي درست ڄاڻ نھ هئي. طوبا انور جو چوڻ هو تھ جذباتي ٿي شادي ڪئي، تنهنڪري اندازو نھ هو تھ ائين شادي ڪرڻ سان بدنامي ۽ تذليل بھ ٿيندي. هن چيو تھ والدين پيسن ڀڙ هئا، تنهنڪري مون پيسن لا شادي جا الزام انتهائي ڪريل هئا. هن چيو تھ اڃا ڪجهه وقت تائين شادي نھ ڪنديس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button