
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا سجل علي هڪٻئي پويان ڪيترائي ڪمرشل ڪري ورتا آهن، جن جا فوٽو شوٽ پڻ وائرل ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق سجل علي اڄڪلهه فيشن برانڊز جي ڪمرشلز جي پهرين ترجيح بڻجي وئي آهي، جنهن جي شادين جي جوڙن جي نين ڊزائنن کي پنهنجو فوٽو شوٽس ۾ متعارف ڪرايو آهي. هوڏانهن سجل علي جي نين تصويرن کي ڏسي مداح سندس سونهن کي ساراهڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ سجل کي سونهن راڻي سڏيو آهي.