ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن وارو ديوي فلم فيسٽيول اڄ کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندو، جنهن ۾ مقامي فلم ميڪرن جون تيار ڪيل فلمن کي پيش ڪيو ويندو. ميڊيا مطابق ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي سهڪار سان ٿيندڙ ميلي ۾ فلمن جي هدايتڪارن سان گڏ بحث، سوالن ۽ جوابن جا سيشن پڻ منعقد ڪيا ويندا. جڏهن تھ اڄ مهرين جبار جي فلم بيڙا غرق، آمنا مقبول حسين جي صنف تال، عرفان نور جي اي لينڊ آف فورفادرز، مريم ماجد جي اي نائيٽ ود نورجهان، سيد منيب ڪاّظمي جي ديال امانگ دي اسپرٽس ۽ ٻيون فلمون پيش ٿينديون. جڏهن تھ ٻئي ڏينهن تي فلم لاهوتي ۽ ٻيون پيش ٿينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close