
پاڪستان جي مشهور اداڪارا مايا علي گلاب جا گل هٿن ۾ کڻي خاص پيغام ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق مايا علي نئين فوٽو شوٽ ۾ گلاب جا گل هٿن ۾ کڻي گلابي وڳي سان پوز ڏئي تصويرون ڪڍرايون آهن، جن کي شيئر ڪندي ئي مداح سندس سونهن جي تعريف ڪرڻ لڳا آهن. جڏهن تھ مداحن تبصرن ۾ مايا علي کي مثبت سوچ رکندڙ شخصيت قرار ڏنو آهي.