
بالي ووڊ جي پٽودي نواب سيف علي جو پٽ ابراهيم فلمن ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ميڊيا مطابق ڌرما پروڊڪشن جي بينر هيٺ تيار ٿيندڙ فلم سرزمين ۾ ابراهيم هڪ فوجي جو ڪردار ڪندو. فلم جو هدايتڪار بمن ايراني جو پٽ ڪيوزي ايراني آهي. ذريعن ٻڌايو تھ فلم جي هيروئن بابت اڃا فيصلو نھ ٿيو آهي.